شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو

شهنشاهه لطيف ۽ بزرگ شاعرن جو تذڪرو (ڪتاب): لطيفيات بابت هن ڪتاب جو محقق غلام شبير پيراهين آهي. هي ڪتاب پنجن بابن ۾ ورهايل آهي. باب پهرئين ۾ ‘شاهه لطيف’، ٻئي باب ۾ ‘شهنشاهه لطيف کان اڳ جا بزرگ شاعر’، باب ٽئين ۾: ‘شهنشاهه لطيف جي دور جا بزرگ شاعر’، باب چوٿين ۾ ‘شهنشاهه لطيف کانپوءِ جا بزرگ شاعر’ شامل آهن، جڏهن ته پنجون باب مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ غلام رسول اڪرم سومري جو لکيل آهي، جڏهن ته ساجد سنڌي، علي حسن سرڪي، غلام فريد پيراهين جا رايا پڻ شامل آهن. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل نامور اسڪالر ڊاڪٽر احسان دانش جو لکيل آهي. ڪتاب جي ارپنا نامور اسڪالر پير حسام الدين راشديءَ کي ڪيل آهي. 159 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، ڊسمبر 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو